دل ڏجي دل وارن کي

دل ڏجي دل وارن کي (سنڌي فلم): هيءَ سنڌي فلم ڀارتي سنڌي فلم انڊسٽري پاران 2000ع ۾ رليز ٿي، جيڪا هند توڙي سنڌ ۾ تمام گھڻي مقبول ٿي. هن ۾ هڪ شاگرد جوڙي جي پريم ڪهاڻي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ هنن جي پيار آڏو سندن والدين ديوار بڻجن ٿا. ٻنهي جا والدين ڪافي عرصي تائين هنن جا جاني دشمن رهن ٿا. آخرڪار ڇوڪرو (فلم جو هيرو) ڪوششون ڪري پهريان هيروئن جي والدين ۽ پوءِ پنهنجي والدين کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ ٻنهي پريمين جي شادي ٿئي ٿي. فلم جا پيشڪار (پروڊيوسر) ٺاڪر ڀيرواڻي، ڪمار منواڻي ۽ منوج ڀيرواڻي آهن، جڏهن ته فلم جو هدايتڪار منوج ڀيرواڻي آهي. هن فلم جي موسيقي يشونت ترتيب ڏني آهي ۽ دنيا جي ناليوارن گلوڪارن ادت نارائڻ، ساڌنا سرگم، رام شنڪر، ڪويتا ڪرشناپوري هن فلم لاءِ سنڌيءَ ۾ گيت ڳايا آهن، جيڪي گيت جي. ڪي. سيجپال، ڪمار منواڻي ۽ ٺاڪر دولتاڻيءَ جا لکيل آهن ۽ ڀڳونتي ناواڻي ۽ ٺارو دولتاڻي، سڌير، اجيت وڇاڻي ۽ ٻيا هن فلم جا داڪار آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو